سنڌ جو سنڌي ساهتيه

سنڌ جو سنڌي ساهتيه

سنڌ جو سنڌي ساهتيه

سنڌ جو سنڌي ساهتيه (ڪتاب): 28 مارچ 2009ع تي ’سنڌ جي سنڌي ساهتيه‘ بابت ساهتيه اڪيڊمي، نئين دهليءَ پاران، ممبئيءَ ۾ هڪ سمپوزيم ڪرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ ۾ سرجيل ادب (ڪهاڻي، ناول، سفرنامي ۽ شاعري) بابت هند جي سنڌي اديبن مقالا پيش ڪيا، جن کي نامديو تارا چنداڻيءَ ترتيب ڏئي، ڪتابي صورت ڏني. هن سمپوزيم جي شروعاتي اجلاس جي صدارت لکميءَ کلاڻيءَ ڪئي ۽ شروعاتي خطاب واسديو موهيءَ ڪيو ۽ ڪي نوٽ تقرير نامديو تاراچنداڻيءَ ڪئي. شروعاتي اجلاس ۾ ٻه پيپر پڙهيا ويا.
(1) نسيم کرل ۽ هن جون ڪهاڻيون: (هيرو شيوڪاڻي)، (2) شوڪت حسين شورو: هڪ ڪهاڻيڪار: (هري پنڪج). ان کانپوءِ پهريون اجلاس هيري شيوڪاڻيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ 4 مقالا پڙهيا ويا: (1) امر جليل جون ڪهاڻيون: (نارائڻ ڀارتي، (2) ماهتاب محبوب جي ڪهاڻي، سنگره-’مٺي مراد‘: (لکمي کلاڻي)، (3) علي بابا ۽ سندس ’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘: (نند ڇڳاڻي) ۽ (4) حميد سنڌيءَ جون ڪهاڻيون: (اندرا شبنم). ٻئي اجلاس جي صدارت لڇمڻ ڪومل ڪئي، جنهن ۾ 5 مقالا پڙهيا ويا. (1) ج. ع منگهاڻيءَ جو ناول ’رڃ‘: (مايا راهي)، (2) آغا سليم جا ناول: (ڪلا پرڪاش)، (3) ماڻڪ جو ناول: ’ساهه مٺ ۾‘: (تيرٿ چانڊواڻي)، (4) ’خيمي ۾ شام‘: نصير مرزا جو سفرنامو: (گوپال ٺڪر) ۽ (5) اخلاق انصاريءَ جو ناول ’اڏوهي‘: (سريتا شرما). ٽيون اجلاس شاعريءَ بابت ٿيو، جنهن جي صدارت ڪلا پرڪاش ڪئي، ان ۾ 4 مقالا پڙهيا ويا: (1) تاجل بيوس جو ڪتاب ’ڪنڌيءَ ڪنؤر ترن‘: (جگديش لڇاڻي)، (2) احمد شاهه استاد بخاري، ’نه ڪم نبريون، نه غم نبريو‘ (غزل ڪليات): (واسديو موهي)، (3) شاعر شيخ اياز ’ڀنور ڀري آڪاس‘: (واسديو نرمل)، (4) مخالف هوا جي آڏو اڏول: امداد حسيني: (لڇمڻ ڪومل). سمپوزيم ۾ پڙهيل سمورن مقالن، شروعاتي خطاب، ڪي نوٽ تقرير ۽ آخر ۾ ستيش روهڙا جي مقالي ’سنڌ جي ساهتيه جو مختصر جائزو‘ ۽ واسديو موهيءَ جي ’سنڌ جو ساهت – ڪي اهم نقطا‘ تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي 144 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي نامديو تاراچنداڻيءَ ترتيب ڏنو آهي ۽ ڪتاب ساهتيه اڪيڊمي، نئين دهليءَ، 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت صرف 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو